ترخان مرزا محمد عيسي بيگ اول جو مقبرو

ترخان مرزا محمد عيسي بيگ اول جو مقبرو

مرزا محمد عيسي بيگ ترخان

مرزا محمد عيسي بيگ ترخان (اول) (1554ع کان 1565ع تائين): ارغونن جي حڪومت جي آفتاب غروب ٿيڻ بعد ترخانن جي حڪومت جو بنياد پيو. هن خاندان جو پهريون فرمانروا مرزا عيسيٰ بيگ ترخان هو، جيڪو پهرين ماهه جمادي الاول (962 هه/ 1554ع) جي تخت نشين ٿيو. تاريخ طاهريءَ ۾ لکيل آهي ته، مرزا عيسيٰ بيگ ترخان جي تخت نشين ٿيڻ بعد، اهي ارغون امير، جيڪي مرزا شاهه حسن جا دست راست هئا، سي مخالفت ڪرڻ ۾ مشغول ٿيا. ڪيبڪ خان، فرخ تيمور ۽ ٻيا امير شراب پيڻ کان پوءِ مست ٿي، مرزا عيسيٰ جي حويلي جي در تي ايندا هئا ۽ در جي اڳيان قالينن کي گهوڙن جي سنبن سان پامال ڪري گهوڙن تان لهندا هئا. ڪو ڏينهن اهڙو نه ٿيندو هو، جو هو مرزا عيسيٰ جي حويليءَ واري دروازي کي تيرن ۽ نيزن سان پروڻ نه ڪندا هئا. چوندا هئا ته مرزا شاهه حسن جو خزانو تو وٽ آهي، سو هاڻي اسان کي ورهائي ڏي. ليڪن مرزا عيسيٰ بيگ کين نهايت حلم ۽ بردباريءَ سان سمجهائي جواب ڏيندو هو ته منهنجو مال ۽ خزاني سان هرگز ڪو واسطو ناهي. بلڪه اهو منهنجي تحويل ۾ هڪ امانت جي صورت ۾ آهي. توهان کي خبر هئڻ گهرجي ته ملڪ جي استحڪام ۽ بقا جو دارومدار خزاني تي ئي هوندو آهي، تنهنڪري توهان پنهنجي ان نعمت عظميٰ (خزاني) کي ڇو ٿا پاڻ ۾ ورهائي ختم ۽ برباد ڪريو. ڀلا توهان هن پنهنجي ملڪ کي دشمنن جي تصرف ۾ آڻڻ چاهيو ٿا ڇا؟. بهرحال اهڙيءَ طرح هو ڳالهيون ڪري ۽ هنن کي سمجهائي مطمئن ڪندو هو. مرزا عيسيٰ بيگ، ارغونن جي برهميءَ کان بچڻ خاطر ايترو ته محتاط رهندو هو، جو جيڪڏهن شهر ۾ ڪڏهن ڪا منادي ڪرائڻ جي ضرورت ٿيندي هئي ته مرزا عيسيٰ خود منادي ڏيڻ واري کي سڏي چوندو هو ته هر ارغون جي محلي ۾ جڏهن تون منادي ڏين ته حڪومت سان گڏ ان جو نالو وٺندو ڪر ته جيئن آئون هنن جي آزار کان محفوظ رهان.
ان زماني ۾ مرزا عيسيٰ بيگ پنهنجي حويليءَ جي نزديڪ هڪ قلعو تعمير ڪرايو، مرزا عيسيٰ جا پٽ جيڪي شهر ۾ ٽڙيل پکڙيل رهندا هئا، تن سڀني کي سڏي آڻي ان قلعي ۾ گڏ ويهاريائين. مرزا شاهه حسن جي لاولد ٿي وفات ڪرڻ کان پوءِ سنڌ ٻن حصن ۾ ورهائجي وئي، جنهن بعد فيصلي مطابق، اترئين سنڌ (بکر) تي سلطان محمود حڪمران ٿيو ۽ ڏاکڻين سنڌ (ٺٽي) تي مرزا عيسيٰ ترخان جو مستقل تسلط رهيو. ان بعد مرزا شاهه حسن جي بيواهه حاجياڻي ماهه بيگم پنهنجي عدت جي مدت ختم ڪري اٽڪل پنجن مهينن بعد مرزا عيسيٰ ترخان سان عقد ڪيو. مرزا عيسيٰ به ارغونن جي همدردي حاصل ڪرڻ خاطر اهو عقد ڪيو.
نئين حڪومت قائم ٿيندي ئي، ٺٽي ۽ بکر جي ٻنهي رقيبن ۾ جنگيون ۽ جهيڙا شروع ٿي ويا ۽ (963هه/ 1555ع) جي شروع ۾ ئي مرزا عيسيٰ سلطان محمود بکريءَ جي مقابلي ۽ هن کي ختم ڪرڻ لاءِ هڪ پاسي پورچوگيزن کان ڪمڪ گهري ۽ ٻئي طرف خود بکر ۾ پهچي هن سان لڙائي شروع ڪئي. بکر ۾ اڃا جنگ جي ابتدا هئي ته مرزا عيسيٰ ترخان جا سڏايل پورچوگيز ٺٽي ۾ اچي پهتا. جن مرزا عيسيٰ کي شهر ۾ نه ڏسي شهر جي باشندن کي اهڙي ته بيدرديءَ سان ختم ڪيو، جو پورو شهر، گنج شهيدان بنجي ويو، سنڌ جو هي شاندار دارالسطنت اهڙيءَ طرح برباد ۽ تباهه ٿيو، جو ڪيترن سالن تائين ان تباهيءَ جا نشان مٽجي نه سگهيا. مرزا عيسيٰ ترخان جي فرزندن مان، مرزا محمد صالح پيءُ سان نهايت وفادار هو، جنهنڪري هن کيس پنهنجي جيئري ئي ولي عهد مقرر ڪري ڇڏيو. سندس ڀاءُ ۽ مرزا محمد صالح جي وچ ۾ جهيڙو ٿيو، جنهن جي لڙائيءَ تائين وڃي نوبت پهتي ۽ مرزا محمد صالح کي مريد جت نالي هڪ شخص قتل ڪيو. مرزا عيسيٰ ترخان جي وفات کان پهرين سندس زال حاجياڻي ماهه بيگم ڪوشش ڪئي ته جيئن وڏو فرزند مرزا محمد باقي آهي، تنهنڪري اهو ئي ولي عهد ٿئي. مرزا عيسيٰ گهڻو ئي زال کي سمجهايو ته هو هڪ ظالم ۽ فاسد شخص آهي، هن کان خلق خدا کي نقصان رسندو، بلڪ تون به هن جي ئي هٿان مرندينءَ. اڳتي هلي اها ڳالهه صحيح ثابت ٿي. مرزا عيسيٰ ترخان پنهنجي طبعي موت مئو 973 هه/1565ع ۾ مرزا عيسيٰ جي لاش کي مڪليءَ تي آڻي مقبري ۾ دفن ڪيو ويو، جيڪو اڳي ئي سندس جيئري سندس لاءِ تعمير ڪيو ويو هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1565.00.00  عيسوي

مرزا عيسيٰ ترخان پنهنجي طبعي موت مئو 973 هه/1565ع ۾ مرزا عيسيٰ جي لاش کي مڪليءَ تي آڻي مقبري ۾ دفن ڪيو ويو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

الهداد خان صوفي نواب
جون رضه
پرڏيهي پير
راڻڪ ديوي
احسان بدوي
عبدالماجد ڀرڳڙي
ٽوپڻ شيخ
ساره انصاري ڊاڪٽر
ارسطو
حفيظ ڪاردار
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون